اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ انقلاب ايندو، اهو منصوبو پاڪستان جي عوام کي پنهنجو گهر، روزگار جا موقعا، ملڪي دولت ۾ اضافي ۽ معيشت کي فروع ڏيندو، ملڪ جي مستقبل جي لاءِ هي اهم منصوبو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جا سربراهه عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو هائوسنگ ٽيلي ٿان کي ٽيليفونڪ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسٽوڊي?? ۾ ??ينيٽر شبلي فراز، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، نيشنل بئنڪ پاڪستان جو صدر موجود هئا. ماڻهن پاران ان موقعي تي سڌوسنئون ڪالز ڪري پنهنجي مسئلن کان آگاهه پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙن ماڻهن کي موقعو ڏنو پيو وڃي جيڪي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن، انهن کي هي موقعو ڏنو پيو وڃي ته جيڪا رقم اهي گهرن جي ڪرايي جي مد ۾ ڏئي رهيا آهن اها ئي قسط ادا ڪن. يورپ آمريڪا ۾ اهڙي طرح بئنڪن کان قرض وٺي گهر خريد ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو رواج نه هو. اسان پهريون ڀيرو اهو شروع ڪيو آهي. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر رضا باقر ۽ نيشنل بئنڪ جي صدر کي هدايت ڪئي ته اهي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪن ۽ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي تاڪيد ڪئي ته هو سمورين بئنڪن ج?? سربراهن کي ٻڌائي ته بئنڪ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري.
متعلقہ مضامین
-
Get Rich Make Money Tree سرکاری تفریحی ایپ
-
Mamnoon, Erdogan agree to address challenges jointly
-
Bilawal will lead Farmers’ Rally if demands are not met: Khursheed
-
Zardari calls on Trump to learn from Obamas mistake
-
کار کریش گیم آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
ایم جی کارڈ گیم ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ آن لائن گیمز کا بہترین پلیٹ فارم
-
ورچوئل اسپورٹس کریڈٹس انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی دنیا میں خوش آمدید
-
فارچیون ٹائیگر آفیشل انٹرٹینمنٹ فورم: تفریح اور کمیونٹی کا بہترین پلیٹ فارم
-
بی این جی الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
گولڈن جیم آفیشل گیم پلیٹ فارم: ایک انوکھا گیمنگ تجربہ
-
BNG الیکٹرانک ایپ تفریح ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
بی این جی الیکٹرانک ایپ: تفریح کی دنیا کا بہترین پلیٹ فارم