اسلام ??با?? – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ملاقات ڪئ??. م??اقات ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته پاڪستان کي عام حالتن جي تناسب کان وڌيڪ ٻوڏ درپيش آهي جيڪو م??سم??اتي طور تي پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت جو خوفناڪ مظهر آهي. هن حڪومت پاران گڏيل قومن جي ادارن، عالمي برادري ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثرين تائين پهچڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي ڪئي ويندڙ امدادي ڪاررواين جو خاڪو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل گوتريس جو پاڪستان جو دورو هن نازڪ وقت ۾ پاڪستاني عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ جي لاءِ گڏيل قومن جي 160 ملين ڊالر جي ”فليش اپيل“ سميت عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت کي ساراهيو. هن سيڪريٽري جنرل پاران انهن ٻوڏن جي م??سم??اتي تبديلي جي اثرن سان تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي پيغام کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ وقت سر مداخلت تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ سنگين چئلينجن تي عالمي سطح تي آگاهي ۾ مدد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته عالمي ڪاربن جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج سان پاڪستان عالمي حدت جي لاءِ سڀ کان گهٽ ذميوارن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود هي م??سم??اتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته م??سم??اتي انصاف جي جذبي تحت پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي صنعتي ملڪن پاران ان م??سم??اتي آفت کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ تعاون جو حقدار آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ کان متاثر ??با??ي جي بحالي جي مرحلي ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي ن??ين سر تعمير جي لاءِ پاڪستان جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي ن??ام ۽ ٻين عالمي حصيدارن جي مناسب مدد سان موافقت ۽ تخفيف جي مختلف منصوبن سميت مستقبل ۾ م??سم??اتي خطرن جي خلاف لچڪ پيدا ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي وابستگي کي ياد ڪندي سيڪريٽري جنرل پاڪستاني عوام جي لاءِ پنهنجي بي پناهه جذبن جو اظهار ۽ تعريف ڪندي چيو ته هو پاڪستاني عوام جي سخاوت سان گڏوگڏ پنهنجي پاڪستاني رهواسين جي مدد ڪرڻ ۽ ڪ??تر?? ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ انهن جي فراخدلي جو گواهه آهي. هن چيو ته هو ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهي ۽ ان جي اثرن کان پريشان آهي. هن عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ سميت پاڪستان کي مڪمل حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو. سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي رڳو يڪجهتي جو نه پر انصاف جو سوال آهي. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گهربل وڏي پئماني تي تعاون کانسواءِ م??سم??اتي تبديلي جي مسئلي کي جلد، سنجيدگي ۽ ذميوارين سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جا هو مستحق آهن. سيڪريٽري جنرل گوتريس ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. وزيراعظم ۽ سيڪريٽري جنرل بعد ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري جنرل پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو پڻ ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
15TH AUGUST: BLACK DAY: THE UNMASKING OF INDIA’S TRUE & SINISTER FACE
-
Nawaz vows to foil attempts aimed at creating ‘artificial political crisis’
-
President Zardari to address joint session today
-
لاٹری سٹی قابل اعتماد ویب سائٹ
-
سلاٹ مشین ہانیسٹ انٹرٹینمنٹ ایپ
-
Shandoor polo festival to start from July 15
-
World Bank lauds BISP’s progress for achievement of goals
-
Pakistan gives befitting response to Indias unprovoked shelling
-
Raheel Sharif briefed on prevailing situation at LoC
-
Pakistani parliament addressed by 17 foreign dignitaries so far
-
PMDC restores registrar accused of mega-corruption
-
Imran trying to provincialize CPEC for political gains