اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي حڪ??متن کي اپيل ڪئي ??هي ته اهي اعليٰ معيار جي ٻج جي ورڇ جي وفاقي حڪ??مت جي پروگرام ۾ شامل ٿين ۽ ان کي سياسي مسئلو نه بڻائين، پاڪستان اسان سڀني کي هڪ جيترو پيارو آهي، ذاتي ۽ سياسي پسند ۽ ناپسند ۽ مفادن کان مٿانهون ٿي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي، وفاقي حڪ??مت نجي شعبي کي هرگز ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، هن مشڪل صورتحال ۾ ڪنهن کي ناجائز من??فعي خوري ڪرڻ ۽ عوام تي بار وجهڻ نه ڏينداسين. هو پنهنجي صدارت ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ من??قد جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزيرن احسن اقبال، طارق بشير چيما، اياز صادق، شيري رحمان، خرم دستگير خان کانسواءِ اين ڊي ايم اي، اين ايف آر سي سي ۽ اعليٰ صوبائي ??ملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظ?? چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد، بحالي ۽ آبادڪاري جي ڪم ۾ اسان کي سياست کان مڪمل پرهيز ڪرڻ گهرجي، وفاقي حڪ??مت متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪيو آهي. هيستائين 66 ارب رپيا متاثرين ۾ ورهائجي چڪا آهن. هڪ لک 10 هزار خاندانن کي اها رقم جلد من??قل ٿي ويندي. وفاقي حڪ??مت چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سمورن متاثرين جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن کي 10 لک رپيا في ڪس جو پئڪيج ڏنو آهي. ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. اين ڊي ايم اي شفاف طريقي سان اها رقم ورڇ ڪئي ??هي. وفاقي حڪ??مت پاران هيستائين ان جي حصي موجب 88 ڪروڙ رپيا ورهايا ويا آهن. زخمين جي لاءِ جيڪو پئڪيج ڏنو ويو هو ان جي ورڇ به جاري آهي. چئني صوبن ۽ متاثر علائقن ۾ اين ڊي ايم اي جي ذريعي خوراڪ، دوائون، خيما، مڇردانيون ۽ پاڻي ضرورت موجب فراهم ڪيو ويو آهي ۽ هر صوبي جي ضرورت کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. وزيراعظ?? چيو ته دوست ۽ ڀائر ملڪن پاران جيڪا امداد آئي ??ها اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم ايز سان گڏ??ي سمورن صوبن ۾ شفاف طريقي سان امدادي سامان ورهايو آهي. چين پاران سردين جي لاءِ سيءُ کان بچاءُ وارا تنبو موڪليا پيا وڃن، اهي به سمورن متاثر علائقن ۾ ضرورت موجب ورهايا ويندا. وزيراعظ?? چيو ته وفاقي حڪ??مت پاران ڪڻڪ جي پوکيءَ جي لاءِ وفاقي وزيرن طارق بشير چيما ۽ احسن اقبال صوبن سان گڏ??ي اڌواڌ جي بنياد تي ٻج جي فراهمي جو من??وبو ٺاهيو آهي جنهن کي اين ڊي ايم اي جي ذريعي پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. ايندڙ فصل جي لاءِ اعليٰ معيار جو ٻج حاصل ڪيو ويندو. سنڌ ۽ بلوچستان ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن پر خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي صوبائي حڪ??متن اسان جي درخواست جي باوجود ان من??وبي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جواب ڏئي ڇڏيو ته اسان کي ٻج نه گهرجي. وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان اسان سڀني کي هڪ جيترو پيارو آهي ۽ هي اسان سڀني جو گڏيل ملڪ آهي. چار ئي ??وبا پاڪستان جو حصو آهن ۽ وفاقي ڌرين سان گڏ??ي ئي ٺهي ٿو. ان معاملي ۾ ڪا سياست نه آهي. ذاتي ۽ سياسي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي سمورن صوبن کي ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو صوبو شامل نه ٿو ٿيڻ چاهي ته ان کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي. بي آءِ ايس پي تحت 70 ارب رپيا ورڇ ٿيڻا آهن، خيمن، مڇردانين ۽ پاڻي سميت اربين رپين جو سامان شفاف طريقي سان سمورن متاثر علائقن ۾ موڪليو ويو آهي. ٻوڏ سان اهڙي تباهي ٿي آهي جو اڳ ۾ ڪڏهن ڏسڻ ۾ ناهي آئي. گذريل ڏينهن مون صحبت پور جو دورو ڪيو، اتي اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، اڳ ۾ ٻوڏ ريلن سان تباهي ٿي ۽ هاڻي بيٺل پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. وزيراعظ?? چيو ته اڌواڌ فارمولي تي سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪ??متون راضي آهن پر جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي ٻج نه گهرجي ته اهو انهن جو پنهنجو فيصلو آهي. وزيراعظ?? چيو ته ڪڻڪ جي درآمد جي حوالي سان ڪاٿو لڳايو ويو آهي، پلاننگ، ناڻي، غذائي ??حفظ ۽ ڪامرس وارين وزارتن گڏ??ي ان حوالي سان ڪم ڪيو آهي. گذريل سال جي ڪڻڪ جي جيڪا کوٽ هئي ??ن کي به پورو ڪيو ويندو. حڪ??مت ڪيترائي لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪري چڪي آهي. ٻوڏ جي ڪري اسان ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف پورو نه ڪري سگهنداسين. وزيراعظم واضح ڪيو ته هو نجي شعبي کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. ائين نه ٿو ٿي سگهي ته پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي مرضي جي قيمت تي ڪڻڪ گهرائي. آئون ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيو آهيان ۽ نه ئي ??ڪ ڪري رهيو آهيان. سموريون صوبائي حڪ??متون منهنجي لاءِ احترام جوڳيون آهن پر اسان کي تباهي درپيش آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو مشڪل معاملو درپيش آهي. وفاقي حڪ??مت تمام بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اربين رپيا بچايا آهن ۽ گهٽ کان گهٽ واڪ وارن سان به ڳالهه ٻولهه ڪري قيمت وڌيڪ گهٽ ڪرائي ??هي. هن ايمرجنسي جي صورتحال ۾ اسان هڪ ڊالر به وڌيڪ خرچ ڪرڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ان لاءِ اڳ ۾ جيڪا 440 جي بڊ آئي ??ن کي مون قبول نه ڪيو جڏهن ته مون کي مشورو ڏنو ويو ته ان کي قبول ڪيو وڃي ڪٿي ائين نه ٿئي ??و ان کان به وڌيڪ قيمت تي ڪڻڪ وٺڻي پوي پر اسان رسڪ کنيو ۽ 30 ڊالر في ٽن بچايا. اهو الله جو ڪرم هو. وزيراعظ?? چيو ته نجي شعبي کي عام حالتن ۾ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ??گهجي ٿي پر ان صورتحال ۾ اسان ڪنهن کي ناجائز من??فعي خوري ۽ عوام تي بار وجهڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين.
متعلقہ مضامین
-
UK-funded climate monitoring tower launched in Chakwal
-
9 civilians martyred, 16 injured as security forces foil Bannu Cantt attack
-
Pakistan, Netherlands discuss human rights, bilateral cooperation
-
SHC clubs pleas against amendments to town planning regulations
-
Fuel truck explosion in Noshki leaves over 40 injured
-
Cop among two shot dead over property dispute in Bannu
-
US, Saudi sanction alleged Lashkar-e-Taiba followers
-
Pakistani, Indian foreign secretaries likely to meet in New Dehli tomorrow
-
3 dead, 4 injured as gunmen attack house in Balochistan
-
Brexit: No negative impact on Pakistan exports to UK under GSP+
-
JI stages protests over violence in IHK
-
Balochistan Assembly passes resolution against India