شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف ??عبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه جرمني جي چانسلر اولاف شولز سان ماحولياتي سربرا??ه اجلاس ڪوپ – 27 جي موقعي تي ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ تعاون کي وڌائڻ جي امڪانن تي غور ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ??يا??ن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جرمن عوام جي عزم کي ساراهيندي جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف ??عبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تعاون ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم جرمني پاران پاڪستان کي سالن کان ڏني ويندڙ فني تربيت تي ٿورا مڃيندي ڄاڻ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس حيثيت جي لاءِ حمايت تي جرمني جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي. وزيراعظم چيو ته حدت جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ ڪردار هجڻ جي باوجود پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ قدرتي آفتن کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ايندڙ تازي ٻوڏ کانپوءِ جرمني پاران پاڪستان جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيندي جرمن چانسلر کي حڪومت جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماحولياتي تبديلين جي مسئلي خاص طور تي ڪلائميٽ جسٽس ۽ انهن تبديلين جي نتيجي ۾ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوپ – 27 کي دليراڻا فيصلا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم خطي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جرمني سميت غيرملڪي حڪومتن جي درخواست تي افغانستان مان انخلا جي لاءِ سهولت فراهم ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري جي افغان عبوري حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻول??ه انتهائي اهميت رکندڙ آهي. جرمن چانسلر افغانستان ۾ نمائنده حڪومت ۽ انساني حقن جي احترام جي پنهنجي موقف کي ورجايو. وزيراعظم جرمن چانسلر جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير طرف ڇڪرائيندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.
متعلقہ مضامین
-
PTCL Group’s strong financial performance during 2024
-
Tarar rubbishes Indian media reports on terror threat amid Champions Trophy
-
Pakistan is among the 10 countries most vulnerable to climate change: PM Shhebaz
-
Over 5,000 face action for traffic rules violations in Islamabad
-
یورپی بلیک جیک آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس سے متعلق اہم معلومات
-
Punjab CM to chair meeting on govt hospitals
-
PM Nawaz leaves for Pakistan
-
Fresh Panama petition asks court for PM removal from case
-
ہیل ہاٹ انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ لنک کی خدمات اور اہمیت
-
ڈریگن ہیچنگ تفریح اور اعتماد کا بہترین ذریعہ
-
بلیک جیک قابل اعتماد تفریحی ویب سائٹ کے ساتھ دلچسپ تجربہ
-
ایم جی کارڈ گیم ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ آن لائن گیمز کا بہترین پلیٹ فارم