اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، ان جي جلد تشخيص ۽ علاج بابت عورتن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرض بابت مڪمل آگاهي ۽ وقت سر علاج سان قيمتي انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن اهڙن خيالن ??و ا??ها?? ڪراچي ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي مهم بابت اجلاس جي وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صحت وارن صوبائي وزيرن، پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي، بلوچستان ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽرين ۽ پمز ۽ شفا انٽرنيشنل اسپتال جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس ??و ا??ها?? ڪيو ته تعليم ۽ آگاهي جي گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح اٽڪل 50 سيڪڙو آهي جيڪا ??اف?? ڳڻتي جوڳي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عورتون ڊاڪٽرن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان عورت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ باقاعده سيشن منعقد ڪرڻ گهرجن ته جيئن ان مرض بابت آگاهي پيدا ٿئي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي رجسٽري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن حڪومت بيماري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مناسب قدم کڻي سگهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪ جي عورتن کي غذائيت جي کوٽ سميت صحت جا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن جن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرن جي ضرورت آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي صدر اميد ظاهر ڪئي ته هن سال به ميڊيا اهڙي طرح جو فعال ڪردار ادا ڪندي ته جيئن ماڻهن کي ان بيماري بابت مڪمل طور تي آگاهه ڪري سگهجي. صوبائي حڪومتن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص ۽ علاج جي لاءِ پنهنجي صوبن ۾ دستياب سهولتن بابت صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ صحت ۽ نگهداشت جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون.
متعلقہ مضامین
-
Sub-committee to discuss blocked CNICs issue on Monday
-
Forensic report confirms Islamabad SSP died of heart disease
-
Passengers advised to avoid carrying Samsung Note 7 on board: PIA
-
NA passes Income Tax, Public Private Partnership Authority bills
-
Fuguihu سرکاری تفریحی ویب سائٹ: سیاحت اور تفریح کا بہترین پلیٹ فارم
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ گائیڈ
-
جی ای ایم الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا پلیٹ فارم
-
جوکرز وائلڈ آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات
-
V83D کارڈ گیم انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ پلیٹ فارم: تفریح اور اعتماد کا بہترین ذریعہ
-
ورچوئل اسپورٹس کریڈٹس انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی دنیا میں خوش آمدید
-
اسٹاربرسٹ ایماندار بیٹنگ ایپ: کھلاڑیوں کے لیے ایک قابل اعتماد پلیٹ فارم
-
سلاٹ مشین ایمانداری ایپ: تفریح اور انصاف کا بہترین ذریعہ