اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آن لائين ايجوڪيشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جڏهن ته سوشل ميڊيا ٽولز جي مثبت استعمال جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجاي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، مصنوعي ذهانت چوٿين صنعتي انقلاب جي بنياد ۽ قوم?? جي ترقي جو مستقبل آهي، پاڪستان ۾ ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي، پاڪستان هنرمند?? جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين کي ورچوئل تعليم جي ذريعي شاگرد?? جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، سائبر حمل?? جي تدارڪ لاءِ موثر قدم?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊيا بئنڪ ڪانفرنس جي قومي سطح جي مقابل?? جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي گيپ تمام گهڻو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ا?? جي ڪري ئي ٽيڪنالاجي سستي هجڻ جي باوجود ان کي وقت سر اختيار نه ڪيو ويو، هن چيو ته آن لائين تعليم جي افاديت سڀني تي ظاهر آهي پر ڪورونا وبا جي دوران ان تي حقيقي معنيٰ ۾ ڌيان ڏنو ويو آهي، اهو واضح رهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو اهو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، ان شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري به گهربل ناهي ڇو ته دنيا ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته وڏين ملٽي نيشنل ڪمپني?? جي ابتڙ ننڍيون ڪمپنيون وڌيڪ ڪامياب رهيون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ مخصوص سببن ۽ مسئل?? جي ڪري ترقي نه ٿي سگهي تنهن هوندي به ???? جي صلاحيت موجود آهي، ان مقصد لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي. صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري علم هر ماڻهو جي پهچ ۾ آهي، ان نئين رجحان روايتي تعليمي نظام کي چئلينج ڪيو آهي، اڄ گهر ويهي تعليم، صحت، ڪاروبار سميت هر سهولت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي، صدر چيو ته پاڪستان ۾ روايتي تعليم نظام جو گهربل انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري فڪري سرمايو ٻاهرين ملڪ منتقل ٿيندو رهيو تنهن هوندي به ??نفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري ماڻه?? جي پهچ وڌي آهي، پاڪستاني هنرمند?? جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽن کي شاگرد?? جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو ورچوئل تعليم جي ذريعي ممڪن آهي، صدر چيو ته مستقبل ورچوئل ايجوڪيشن سان لاڳاپيل آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سائبر سيڪيورٽي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سائبر وار جي طور تي پاڪستان ۾ روزاني سوين حملا ٿيندا آهن، انه?? جي ازالي لاءِ موثر قدم?? جي ضرورت آهي، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان 8 ڪروڙ ماهر?? جي ضرورت ٿيندي، پاڪستان ان صورتحال ۾ مناسب تعليم ۽ تربيت جي ذريعي افرادي قوت مهيا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت چوٿين انقلاب جي بنياد ۽ قوم?? جي ترقي جو مستقبل آهي، جنهن قوم پنهنجي مستقبل کي سڃاڻي ورتو ا?? جي ترقي جي راهه ۾ ڪا به ??ڪاوٽ نٿي اچي سگهي، هن چيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال جا مثبت ۽ منفي ٻئي رخ آهن، اسا?? جي نوجوانن کي ان ڳالهه کي سمجهڻو پوندو ته ڪوڙيون خبرون معاشري لاءِ نقصانڪار آهن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن، اهو شعبو تيز رفتار ترقي جا موقعا فراهم ڪندو آهي.پاڪستاني نوجوانن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ ۽ ايسپائر پاڪستان جو?? ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، ان کان اڳ سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جو قيام صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي سان ممڪن ٿيو آهي، هن پاڪستان انوويٽس ڪانفرنس جي حوالي سان ٻڌايو ته ان مقابلي ۾ پوري پاڪستان کان تخليق ڪارن حصو ورتو، ان قدم سان اسٽارٽ اپ وينچر ڪيپٽسٽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿي آهي، هن چيو ته هاڻي نوجوانن کي پنهنجي تخليق لاءِ گهربل مالي وسيل?? جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ان موقعي تي صدر ڪامياب ٿيندڙ هوشيار نوجوانن ۾ انعام به ورهايا، ان کان??وء?? صدر ان موقعي تي لڳايل مختلف اسٽالن جو به ??ورو ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
فورچون ٹائیگر باضابطہ تفریحی پلیٹ فارم
-
Petroleum products price stays unchanged
-
Pakistan takes no part in South Asia arms race
-
PTI files intra court appeal against IHCs verdict on sit-in
-
Ministry of Science and Technology appointed 1,203 people since 2013
-
NAB achieved 77.6% success in court cases, up from previous years
-
Green Pepper Entertainment کی آفیشل ویب سائٹ
-
MG Card Game Entertainment Official App Ka Taaruf
-
یورپی بلیک جیک آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
لاٹری سٹی آفیشل گیم پلیٹ فارم کی ویب سائٹ پر کھیلوں اور جیتیں
-
UG اسپورٹس آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
ایم جی کارڈ گیم ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ آن لائن گیمز کا بہترین پلیٹ فارم