اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪئناڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تع??ون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪئناڊا ج?? هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪئناڊا ج?? وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪئناڊا ج??ن ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميرڪ گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي معاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف ڪئناڊا ج?? هاءِ ڪمشنر کي يوڪرين جي عوام جي لاءِ انساني ه??دردي جي بن??اد تي پاڪستان مان موڪليل امدادي سامان کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا ج?? وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سطحي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ گهرجي. ڪئناڊا ج?? هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪئناڊا ج?? ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئناڊا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تع??ون ۽ خاص طور تي ڪئناڊا ج?? شهرين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي تع??ون کي ساراهيو. وزيراعظم ڪئناڊا ج?? هم منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان دوري سان پاڪستان ۽ ڪئناڊا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.
متعلقہ مضامین
-
Murree tragedy proves cruelty, incompetence, say Shehbaz, Zardari
-
Afghan soldier opens indiscriminate fire at Chaman border
-
IMF, Pakistan make ‘significant progress’ toward reaching Staff Level Agreement
-
Punjab govt takes PTI on board for implementation of NAP
-
Area Links Piggy Bank Official Entertainment Website
-
فورچون فش، شریمپ اینڈ کریب آفیشل انٹرٹینمنٹ اینٹرنس - تفریح کی شاندار دنیا کا دروازہ
-
IHC to be contacted on illicit transplantation of human organs
-
How can Rashid leak a report without analysing it?
-
ایم جی الیکٹرانکس کی آفیشل گیم ویب سائٹ: گیمنگ کا نیا مرکز
-
R88 الیکٹرانک آفیشل گیم ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ پلیٹ فارم
-
Fuguihu سرکاری تفریحی ویب سائٹ: سیاحت اور تفریح کا بہترین پلیٹ فارم
-
شبھ ڈریگن ٹائیگر آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات